آخوند محمد صالح ڀٽي لائبريري دادو

آخوند محمد صالح ڀٽي لائبريري دادو: هن لائبريريءَ جو قيام سال 1974ع ۾ سنڌ جي برک عالم آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائيءَ جي نالي سيتا ڳوٺ ۾ عمل ۾ آيو.
سندس وفات بعد هن جو قائم ڪيل سمورو ڪتبخانو هزارين ڪتابن تي مشتمل هو، جيڪو سندس ننڍي ڀاءُ آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائيءَ جي ملڪيت بڻيو، آخوند محمد دائود سمورا ڪتاب پنهنجي گهر جي زينت بڻايا ۽ انهن مان لاڀ حاصل ڪيو. پوءِ آخوند محمد دائود جي زندگيءَ ۾ ئي سندس گهر جو ڪافي الهه تلهه، قيمتي سامان ۽ اناج ان سان گڏ ضخيم، ناياب ڪتاب، ڪجهه قلمي نسخا نذر آتش ٿي ويا. هن جي وفات کانپوءِ سندس خاندان جي فرد نامياري شاعر بشير سيتائيءَ باقي رهيل ڪتاب، جن جو تعداد ٻن ٽن سؤن تي مشتمل هو، پنهنجي تحويل ۾ ورتا ۽ 1974ع ۾ ’ڀٽي سيتائي'>آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي ميموريل لائبريريءَ‘ جي نالي سان سيتا ۾ لائبريري قائم ڪري، ڪتابن جي سهيڙ ۽ سنڀال شروع ڪيائين ۽ ان ۾ مسلسل اضافو ڪندو رهيو آهي. 1989ع ۾ بشير سيتائي، سيتا ڳوٺ مان لڏي دادو شهر ۾ مڪمل رهائش اختيار ڪئي. ڪتابن جو سمورو ذخيرو پنهنجي ڳوٺ مان آڻي، ساڳئي نالي سان دادو ۾ لائبريري قائم ڪئي. هن لائبريريءَ ۾ عربي ڪتابن جو ذخيرو تمام گهٽ آهي. پر فارسي ٻوليءَ جا بهترين، چونڊ ۽ ضخيم ڪتاب هزار کن موجود آهن، جن ۾ اعلى قسم جون لغتون، فارسيءَ کان فارسيءَ، فارسيءَ کان اردو، فارسيءَ کان انگريزي ۽ فارسيءَ کان سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل آهن. ساڳئي وقت فارسيءَ کان فارسيءَ ۾ ٽن جلدن تي مشتمل هڪ انسائيڪلوپيڊيا به آهي، جا ايران ۾ ڇپي آهي. ساڳيءَ ريت انگريزي زبان ۾ هڪ هزار کان مٿي ڪتاب موجود آهن.
هن لائبريريءَ ۾ موجود ڪتابن جو ڪل تعداد پنج هزار کن ٿيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو